جنيوا – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل پاڪستان جي طرفان پيش ڪيل هڪ ٺهراءَ جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ?? ترقي جي حق کي بطور انساني حق قرار ??نو ويو آهي ۽ ترقي م انساني ترقي جي مرڪزي ڪردار جي اهميت کي تسليم ڪيو ويو اهي. اهو ٺهراءَ پاڪستاني سفير ضمير اڪرم پيش ڪيو. ضمير اڪرم جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي رائيٽ ٽو ڊيولپمينٽ متعلق ورڪنگ گروپ جو چيئرمين آهي. 47 رڪني ڪائونسل ۾ مسودي جي حمايت ۾ 29 ۽ منخالفت ۾ 13 ووٽ پيا. جڏهن ته پنج ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. گڏيل قومن ۾ مختلف ملڪن جي نمائندن ٺهراءَ جي مسودي جي منظور?? کي پاڪستان جي اهم سفارتي ڪاميابي قرار ??نو آهي.
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا