والاريل بيت المقدس-14 نومبر (اي پي پي) اسرائيلي ??وج اولهندي ڪنا??ي جي اتر شهر طولڪرم جي ڀرپاسي ۾ 5 فلسطيني نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. فرانسيسي خابرو اداري مطابق ثبت اسپتال جي ڊائريڪٽر امين خضر اڱاري ڏينهن ٻڌايو ته اسرائيلي ??وج طولڪرم ۾ آپريشن ڪيو ۽ ان دوران 5 فلسطيني شهرين کي شهيد ڪري ڇڏيو جن جون عمرون 21 ۽ 29 سال آهن. اکين ڏٺي شاهدين مطابق اسرائيلي ??وج علائقي ۾ گرفتارين لاءِ پرتشدد ڪارروائيون ڪيون آهن. اسرائيلي ??وج والاريل اولهندي ڪنا??ي جي شهر ۾ آپريشن جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته ??ن فلسطيني شهرين کي شهيد ڪرڻ جو سبب نه ٻڌايو. ٻئي طرف اسرائيلي ??وج غزه پٽي ۾ جباليه ڪئمپ ۾ شيلنگ دوران 31 فلسطينن کي شهيد ڪري ڇڏيو. روسي خابرو اداري الحدث ٽيلي ويزن چينل جي رپورٽ جي حوالي ??ان ٻڌايو ته اسرائيلي ??وج جباليه ڪئمپ ۾ شيلنگ ڪئي ۽ 31 فلسطينن کي شهيد ڪري ڇڏيو شيلنگ سبب سوين ماڻهو متاثر ٿيا آهن.
اسرائيلي فوج اولهندي ڪناري ۾ 5 فلسطيني شهرين کي شهيد ڪري ڇڏيو، غزه پٽي ۾ جباليه ڪئمپ ۾ شيلنگ، 31 فلسطيني شهيد
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina