اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم نيشنل هيلٿ پروگرام صحت جي شعبي ۾ هڪ انقلابي پروگرام آهي جنهن ذريعي گهٽ آمدني وا??ن ۽ ضرورتمن?? ماڻهو پروگرام جي پينل تي موجود پرائيويٽ اسپتالن مان پنهنجو بهترين علاج ڪرائي سگهن ٿا. اسلام آباد، ??وئيٽا، مظفرآباد ۽ ڪوٽلي ۾ اهو پروگرام ڪاميابي سان جاري آهي. پرائيم منسٽر هيلٿ پروگرام تحت انهن چئن صوبن ۾ هڪ لک 80 هزار مستحق خاندانن جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي، هاڻي اهي ماڻهو پنهنجي علاج جي لاءِ پريشان ڪو نه ٿيندا. صحت وا??ي وزير سائره افضل تارڙ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته چونڊ وا??دو مڪمل ڪرڻ هڪ سياستدان لاءِ خوشي جو لمحو هوندو آهي. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنهنجي منشور ۾ غريب ماڻهن جي لاءِ صحت جي سهولتن ۾ بهتري آڻڻ جو وا??دو ڪيو ويو هو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال