ڪراچي– 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم ??ي مشير سرتاج ع??يز چيو آهي ته آمريڪا سان پائيدار لاڳاپن جا خواهشمن?? آهيون،هندستان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪشمير جي مسئلي تان عالمي سطح تي ڌيان هٽايو وڃي،حافظ سعيد کي نيشنل ايڪش?? پلان تحت نظربند ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ??يو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان پهريون رابطو انتهائي خوشگوار رهيو،اسان جا ۽ آمريڪا جا ڪجهه گڏيل مقص?? آهن جنهن ۾ افغانستان جي صورتحال،دهشت گردي جو خاتمو ۽ واپار وڌائڻ سرفهرست آهن. هن چيو ته نئين آمريڪي انتظاميه سان سٺن ۽ پائيدار لاڳاپن جا خواهشمن?? آهيون. هن چيو ته هندستان پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪشمير مسئلي تان دنيا جو ڌيان هٽايو وڃي ۽ پاڪستان تي ڪوڙا الزام هنيا وڃن.
آمريڪا سان پائيدار لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ