راولپنڊي – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي و??ثي و??ري مملڪتي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف چئن سالن دوران ڌرڻن، احتجاج، بي بنياد ۽ ڪوڙن الزامن جي سياست جي باوجود ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ?? توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ سميت هر شعبي ۾ ترقي ذريعي اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو 66 سالن ۾ به ڪير نه ڪري سگهيو، موجوده حڪومت ربيع الاول جي مبارڪ مهيني ۾ پاڪستان کي لوڊشيڊنگ کان پاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪري پوري قوم جي دل خوش ڪري ڇڏي آهي. راولپنڊي آرٽس ڪائونسل ۾ خطاطي جي نمائش جي افتت??ح ۽ محفل ميلاد جي تقريب کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي و??ير مريم اورنگزيب چيو ته موجوده حڪومت مبارڪ مهيني ۾ پاڪستان کي لوڊشيڊنگ کان پاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪري پوري قوم جي دل خوش ڪري ڇڏي آهي، هاڻي عوام جون مشڪلاتون ختم ۽ صنعتن جي حوصلا افزائي ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری