اسلام آباد – 28 جول??ءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري نگران وفاقي وزير بئريسٽ?? سيد علي ظفر سڄي ملڪ ۾ وقت سر، پرامن ۽ ڪامياب چونڊون منعقد ڪرڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته جيئن ته چونڊون 2018ع ۾ ف??ح پاڪستان جي عوام جي ئي ٿي آهي، اليڪشن ڪ??يش?? پاران ڪامياب اميدوارن جي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي فورن پوءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا اجلاس گهرايا ويندا، وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن جي چونڊ کانپوءِ نگران حڪومتون عهدو ڇڏي ڏينديون. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير بئريسٽ?? سيد علي ظفر چيو ته پاڪستاني قوم نگران وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينا پاران سڄي ملڪ ۾ ڪامياب، صاف، شفاف ۽ وقت سر چونڊون منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏي ٿي. هن چيو ته اهڙي طرح سمورن چونڊيل نمائندن کي مبارڪباد ۽ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هاڻي ملڪ جو مستقبل ۽ ترقي انهن جي هٿ ۾ آهي.
سيد علي ظفر پاران پرامن چونڊون ڪرڻ تي پوري قوم کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی