اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سي پيڪ ريلوي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو ۽ لاهور ۽ راولپنڊي جي وچ ۾ ٽريڪ کي ڊبل ڪيو ويندو، ريلوي کي خساري مان ڪڍي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، سي پيڪ منصوبن تحت سمورن ٽريڪس کي اپ گريڊ ڪيو ويندو، ريلوي اسٽيشن?? جي اپ گريڊيشن ڪنداسين، ريلوي زمين کي قبضو ڪند??ن کان آزاد ڪرائينداسين، فريٽ ٽرينن جو انگ ڊبل ڪنداسين. صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته عمران خا?? جي تقرير بهترين هئي، عمران خان سان گڏجي ڪم ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی