واشنگٽن – 02 جولائي (اي پي پي ) گذريل سال 7 آڪٽوبر جي حملي ۾ مارجي ۽ زخم?? ٿيل اسرائيلي شهرين جي ڪٽنبن آمريڪي عدالت ۾ ايران ، شام ۽ اتر ڪوريا خلاف ڪيس د??خل ڪي?? آهي. جرمني جي ڊي پي اي نيوز جي رپورٽ موجب ڪيس ۾ دعوى ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل ملڪن ان حملي ۾ فلسطيني هٿيار بند گروپ جي حمايت ڪئي هئي. رپورٽ موجب واشنگٽن جي هڪ وفاقي عدالت ۾ داخل ڪي?? ڪيس موجب ايران شام ۽ اتر ڪوريا اسرائيل تي حملي لاءِ مالي مدد ۽ وسيلا فراهم ڪيا. اسرائيل نواز اينٽي ڊيفيميشن ليگ 125 متاثرن ۽ انهن جي ڪٽنب پاران داخل ڪي?? ڪيس ۾ پنهنجي متاثر ڪٽنبن جي اغوا ۽ قتل جي بدلي گهٽ ۾ گهٽ 4 بلين ڊالرن جي معاوضي جو مطالبو ڪي?? آهي. اسرائيلي شهرين جي حق ۾ فيصلو اچڻ جي صورت ۾ متاثر خاندانن کي ڪانگريس پاران دهشتگردي جي متاثرن لاءِ قائم آمريڪي فنڊ مان معاوضو ڏئي سگهجي ٿو. اهڙي طرح جي ڪيسن تي ادائيگين لاءِ رقم ضبط ڪي?? اثاثن ۽ انهن ڪمپنين جي ڏنڊ مان ادا ڪئي ويندي آهي جيڪي انهن رياستن سان گڏ غير قانوني ڪاروبار ڪن ٿيون، جن کي آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪي?? آهي .
اسرائيلي شهرين جو آمريڪي عدالت ۾ ايران، شام ۽ اتر ڪوريا خلاف ڪيس، چار ارب ڊالر معاوضي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات