ڪازان-25 آڪٽوبر(اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ايران جي هم منصب صدر مسعود پيز شڪيان سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب ملاقات دوران چين جي صدر چيو ته عالمي ۽ علائقائي سطح تي صورتحال جي تبديلي جا اثر چين – ايران لاڳاپن تي اثر انداز نه ٿيندا ۽ چين ايران سان پنهنجي دوستي کي مضبوط بڻائ??ند?? رهندو. روس جي شهر ڪازان ۾ ب??ڪس ملڪن جي سربراهي اجلاس دوران ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي. ب??ڪس ڪانفرنس دوران ايران جي صدر ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي غزه ۽ لبنان ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن . ڪانفرنس ۾ صدر شي جن پنگ غزه ۽ لبنان ۾ جنگ بندي جو مطالبو ورجائ??ند?? چيو ته فلسطين مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ اڻٿڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايران جي صدر سان ملاقات ۾ شي جن پنگ چيو ته غزه جنگ جو خاتمو علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ تمام اهم آهي. صدر شي جن پنگ وڌيڪ چيو ته ق??مي خودمختياري ، سلامتي ۽ ق??مي وقار جي تحفظ، اقتصادي ۽ سماجي ترقي کي مستقل طور تي اڳيان وڌائڻ لاءِ چين ايران جي حمايت هميشه جاري رکندو.
چين جي صدر شي جن پنگ جي ايران جي هم منصب سان ملاقات، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ جو عزم ظاهر
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز