بيجنگ -29 آڪٽوبر (اي پي پي) چين 30 آڪٽوبر تي انسان ب??دار خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊائريڪٽر چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي (سي ايم ايس اي) لين شي چيانگ گذريل ڏينهن اعلان ڪيو آهي، ته چين جيوڪوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان 30 آڪٽوبر جي صبح جو 4 لڳي 27 منٽن تي لانگ مارچ- ايف 2 ڪيريئر راڪيٽ ذريعي انسان ب??دار خلائي مشن شينزو-19 خلائي اسٽيشن لاءِ روانو ڪندو. هن چيو ته مدار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ انسان ب??دار خلائي مشن 6.5 ڪلاڪن ۾ خلائي اسٽيشن کي ڪور ماڊيول تيان سان ڳنڍجي ويندو. هن چيو ته خلائي مشن شينزو-18 ذريعي ويندڙ خ??ائي اسٽيشن تي اڳ ئي موجود ع??لو 4 نومبر تي ڪم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ان مشن ذريعي چين جي ڊونگ فينگ لينڊنگ سائيٽ تي واپس ويندو. ياد رهي ته شينزو 19 چين جي انسان ب??دار خلائي پروگرام جو 33هون فلائيٽ مشن آهي.
چين 30 آڪٽوبر تي انسان بردار خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے