اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ??يو آهي ته قبائلي عل??ئقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو فاٽا جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوشش ڪئي، فاٽا سڌارن جي عمل کي عل??ئقي جي عوام جي خواهشن موجب پڄاڻي تائين پهچايو ويندو. هن اها ڳالهه قبائلي عل??ئقن جي مختلف ايجنسيز سان تعلق رکندڙ ??سلم ليگ (ن) جي صدرن، نائب صدرن جنرل سيڪريٽريز تي ٻڌل وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت سيفران واري مملڪتي وزير غالب خان ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ فاٽا سڌارن، قبائلي عل??ئقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ عل??ئقي جي لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ??يو ته قبائلي عل??ئقن جي عوام جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
مضمون کا ماخذ : ریل رش