تهران -09 آڪٽ??بر (اي پي پي) ايران اسرائيل تي حملي جي رٿابندي ۾ حماس ??ي مدد جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته ايران جي پاسداران انقلاب جي آفيسرن آگسٽ کان اسرائيل تي حملي جي رٿابندي ۾ حماس ??ي مدد ڪئي هئي. ايران گذريل سومر کان لب??ان جي شهر بيروت م ٿيل اجلاس ۾ ان ڪارروائي کي شروع ڪرڻ لاءِ گرين سگنل ڏنو هو. تهران انهن الزامن جي ترديد ڪئي آهي ته هنن حماس کي ڇنڇر ڏينهن اسرائيل تي اوچتي حملي جي رٿابندي ۾ مدد ڪئي هئي. گڏيل قومن ۾ ايران ??ي مشن هڪ بيان ۾ چيو هو ته حماس جيڪو به فيصلو ڪيو اهو نج پاڻ ڪيو ۽ اهو ف??صلو ف??سطيني عوام جي جائز مفادن سان هم آهنگي رکي ٿو. اسان اسرائيل خلاف فلسطين جي رد عمل ۾ شامل ناهيون. هوڏانهن حماس جي هڪ عهديدار علي براڪا اين بي سي نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته ايران کي آپريشن الاقصيٰ فلڊ بابت اڳ اطلاع نه ڪيو هو.
ايران پاران اسرائيل تي حملي جي رٿابندي ۾ حملي جي مدد جي ترديد
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا