بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ سان چلي جي صدر گيبريل بوريڪ بي??نگ جي عظيم عوامي هال ۾ ملاقات ڪئي. چلي جي صدر چين جي سرڪاري دوري ۽ عالمي تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ بي??نگ ۾ موجود آهي. چيني ميڊيا رپورٽس موجب ان موقعي ت?? شي جن پنگ چيو ته سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ کانپوءِ اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي ۾ چين ۽ چلي جا لاڳاپا لاطيني آمريڪي ۽ ڪيريبين ملڪن سان چين جي لاڳاپن ۾ سدائين سرفهرست رهيا آه??. چ??ي ڏکڻ آمري??ا جو پهريون ملڪ آهي جنهن چين سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا ۽ اهو چين ۽ لاطيني آمري??ا جي وچ ۾ ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي ڏيل تعمير ۾ پڻ سڀ کان اڳتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته چلي جو صدر مسلسل ٽيون ڀيرو عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ فورم ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، جيڪو لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين ملڪن ۾ منفرد آهي. چين ۽ چلي جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون سان ڌرين جي ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ مليو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوامک ي ٺوس فائدا پهچايا ويا آهن.
چين جي صدر شي جن پنگ سان چلي جي صدر جي عظيم عوامي هال ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت