پيرس -28 آگسٽ (اي پي پي) فرانس جي تعليم واري وزير ??رڪ??ري اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو لباس تعليم جي حوالي سان فرانس جي سخت سيڪولر قانونن جي ڀڃڪڙي آه??. ب??طانوي نشرياتي اداري مطابق تعليم واري وزير گيبريئل اٽل چيو آهي، ته هاڻي اسڪولن ۾ عبايه پائڻ ممڪن نه هوندو ۽ اهو 4 سيپٽمبر کان سڄي ملڪ ۾ ڪلاسن جي واپسي کان اڳ اسڪولن جي سربراهن کي قومي سطح تي و??ضح قائدا ڏنا ويندا. واضح ??هي ته فرانس 19 صدي جي قانون بعد کان ??رڪ??ري اسڪولن ۾ مذهبي علامت سخت پابندي لڳائي رکي آهي ۽ ??رڪ??ري ادارن م تعليم مان روائتي ڪيٿولڪ اثر رسوخ جي خاتمي ۽ وڌندڙ مسلم اقليت کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙن رهنما اصولن کي اختيار ڪيو آهي. فرانس 2004ع ۾ اسڪولن ۾ اسڪارف پائڻ تي پابندي لڳائي هئي ۽ 2010ع ۾ عوامي هنڌن تي مڪمل چهري جي نقاب تي پابندي لڳائي هئي جنهن سان اتان جي 50 لک مسلم برادري پاران ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو هو.
فرانس جي سرڪاري اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی