بغداد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) عراق ۾ شادي جي تقريب دوران باهه لڳڻ جي واقعي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 100 کان وڌيل ڄاڃي ف??ت ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق عراق جي اترئين صوبي نينوي جي ضلعي همدانيه ۾ شادي تقريب ۾ باهه لڳڻ سبب گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 100 کان وڌيڪ ڄاڃي ف??ت ٿي ويا آهن جڏهن ته 150 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن . 113 فوتين جي تصديق نينوي صوبي جي گورنر ڪري ڇڏي آهي. سر??اري ميڊيا فوتين جو انگ 100 جڏهن ته زخمين جو انگ 150 ٻڌايو آهي. سر??اري ميڊيا مطابق مقامي شهري دفاع جو چوڻ آهي ته تقريب ۾ جشن دوران ٿيل آتشبازي سبب ايونٽ هال ۾ باهه لڳي وئي جڏهن ته باهه سبب هال جو ڪجهه حصو ڪري پيو.باهه لڳڻ بعد ڪيترائي ماڻهو هال مان ٻاهر نڪرڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويا ۽ ڪجهه اتي ڦاسي پيا جڏهن ته جيڪي ڄاڃي شادي هال مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا انهن جي حالت پڻ خراب هئي. سر??اري اختيارين مطابق حادثي بعد ايمبوليسز ۽ طبي عملي کي ف??ري طور تي اوڏانهن اماڻيو ويو. عراق جي وزير اعظم جي آفيس سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته وزير اعظم اختيارين ک?? متاثر ماڻهن ک?? امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. علائقي جي گورنر ٻڌايو ته زخمين ک?? نينوي جي مختلف ا??پتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتين ۽ زخمين جو انگ حتمي ناهي ۽ ان جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آه??. ح??دثي بعد همدانيه جي مرڪزي اسپتال ۾ ڪيترا ئي ماڻهو زخمين لاءِ رت جو عطيو ڏيڻ پهچي ويا.
عراق ۾ شادي تقريب دوران باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 113 ڄڻا فوت، 150 زخمي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ