ماسڪو -12 مارچ (اي پي پي) يوڪرين روس جي شهر اوريول ۾ تيل جي ٺڪاڻن کي ڊرون حملن سان نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ تيل جي ه?? ٽينڪ ۾ باهه لڳي وئي. روس جي خابرو اداري مطابق سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات گادي واري هنڌ ماسڪو کان 350 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ واقع انهن ٺڪاڻن تي ڪيل حملن م ڪو به شخص فوت يا زخمي ناهي ٿيو. روس جي اختيارين مطابق صورتحال ضابطي ۾ آهي ۽ رهواسين کي پرسڪون رهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. رپورٽ مطابق يوڪرين طرفان هڪ ٻئي ڊرون حملي ۾ ماسڪو کان 400 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع نو??وروڊ نامي علائقي جي ڀر ۾ واقع تيل ۽ گيس جي ٺڪاڻن کي به نشانو بڻايو ويو. يوڪرين طرفان روس جي 7 ريجنن ۾ مختلف هدفن کي ڊرون حملن سان نشانو بڻائڻ جي ڪوشس ڪئي وئي. روسي فوج انهن مان گه?? ۾ گه?? 25 حملو ڪندڙ ڊرونز کي پنهنجي هدفن تائين پهچ?? کان اڳ روڪڻ جي دعوي ڪئي آهي.روس يوڪريني ڊرون حملن کي دهشتگردي جون ڪارروائيون قرار ڏنو آهي.
يوڪرين جا روس ۾ تيل جي ٺڪاڻن تي ڊرون حملا
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ