تل ابيب-19 سيپٽمبر(اي پي پي)اسرائيل جي فوج جا ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي ٺ??اڻن تي هوائي حملا جاري آهن. اها ڪارروائي دفاع واري وزير يوايوگيلانٽ جي غزه ۽ لبنان ۾ جنگ جو نئون مرحلو شروع ڪرڻ جي اعلان بعد سامهو آئي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق اسرائيلي ويڙهاڪ جهازن لبنان ۾ جبائن ، هلتام ، ڪفرقلعه ، اڊيسه ۽ شامه ۾ حزب الله جي ٺ??اڻن ??ي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهي فضائي حملا اربع کان ??بنان جي اتر اسرائيل تي 40 کان ??ڌيڪ راڪٽ فائر ڪرڻ بعد ڪيا ويا آهن. اسرائيلي فو?? جي چيف آف اسٽاف هرزي حلوي چيو ته حزب الله سان ڇڪتاڻ ۾ اضافي بعد اسرائيل جي ايليٽ 98 هين پيرا ٽرو پر ڊويزن ک?? اتر غزه کان ??بنان جي سرحد تي ٻيهر مقرر ڪيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون