ماسڪو – 18 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي پارليامينٽ هڪ بل جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت عدالتن کي روس جي حڪومت طرفان دهشتگرد تنظيمن طور نامزد گروپن تي پابنديون معطل ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي، جنهن سان روس لاءِ ??فغان طالبان ۽ امڪاني طور شام جي نئين قيادت سان لاڳاپن کي مع??ول تي آڻڻ جي راهه هموار ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان ڊوما گذريل ڏينهن جنهن بل جي منظوري ڏني آهي ان ۾ دهشتگرد قرار ڏنل گروپن کي قانوني طور تي ان فهرست مان ڪڍڻ واري طريقيڪار جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. اهڙي طريقي جي روشني ۾ طالبان سان لاڳاپيل مستقبل جي متوقع فيصلي لاءِ ??روري قانوني فريم ورڪ تيار ڪيو ويندو. روس جي مٿين ايوان جي فيڊريشن ڪائونسل جمعي ڏينهن ان بل تي غور ڪندي جنهن کانپوءِ ??هو مسودو ??وس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي منظوري سان قانون بڻجي ويندو.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن