اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چٽن لفطن ۾ چيو آهي ته ڪنهن جارحيت يا لائين آف ڪنٽرول جي خلاف ورزي جي صورت ۾ پاڪستان پنهنجي عوام ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو، پوري قوم هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ملڪ جي دفاع لاءِ قوم جو ٻچو ٻچو تيار آهي، ڪنهن کي به پاڪستان جي سرزمين ڏانهن مي??ي اک سان ڏسڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، امن لاءِ پاڪستان جي عزم کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن اها ڳالهه وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجون توانائيون ع??ام جي ڀلائي ۽ تعمير ۽ ترقي تي خرچ ڪرڻ چاهيون ٿا، غربت ۽ بي روزگاري جو خاتمو ۽ عوامي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل ڪرڻ جو اسان جو عزم آهي جنهن جي لاءِ اسان سرگرم آهيون.
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے