اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنو?? حسين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سمورن پاڪستانين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي اڄ جيڪي چئلينج درپيش آهن انهن کي نظر ۾ رکندي ضروري آهي ته غيرجذباتي طريقي سان مسئلن جو جائزو وٺي ملڪ ۾ اعتدال ۽ معقوليت کي فروغ ڏنو وڃي، آزادي جي ڏهاڙي ت?? قومي مقصد حاصل ڪرڻ، نصب العين ج?? تعين ۽ ان ۾ ڪاميابي جي لاءِ اختيار ڪيل طريقيڪار کان ڪڏهن به انڪار نه ڪرڻ جو عزم ڪريون ٿا، رنجشن ۽ گلا شڪوا تي ضابطو آڻي نج قومي مفاد ۾ پاڪستان جي آئين تي متحد ٿيڻ ۽ ان جي حفاظت ۽ پاسداري کي يقيني بڻائڻ جو نئين سر عزم ڪرڻو پوندو ڇو ته اهو ئي دستاويز اسان کي ذات کان بلند ڪر?? قومي مقصد جي آبياري جو رستو ڏيکاريندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ جي آزادي جي ڏهاڙي جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي قوم ??ي نالي پنهنجي پيغا۾ ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو