اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته والاريل ڪشمير جي معاملي تي ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ بيگناهه ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي خلاف پاڪستان ڀارت سان سفارتي لاڳاپن ۾ گهٽتائي آڻڻ، ڀارت سان ٻطرفو واپار معطل ڪرڻ، سمورين ٻطرفن م??اهدن تي نظرثاني ڪرڻ، گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل سان رجوع ??رڻ ۽ 14 آگسٽ تي پ??ڪستان جو آزادي جو ڏهاڙو ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪ??و آهي، 15 آگسٽ تي ڀارت جو آزادي جو ڏهاڙو ڪاري ڏينهن طور تي ملهايو ويندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي جاري بحث سهيڙيندي پ??ڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت 5 آگسٽ تي جيڪي قدم کنيا انهن جي فوري مذمت ڪئي وئي ۽ انهن کي رد ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار