اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 10 محرم جو تاريخي ڏينهن ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو جڏهن حضرت ??مام حسين رضه دين جي سرفرازي ۽ باطل آڏو ڄمي ??يه?? رهيو هو ۽ اسلام جي روشن ۽ سنهري اصولن تي ٺاهه قبول نه ڪيو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي عاشوري جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هڪ اهو عاشوري جو ڏينهن هو جنهن ڏينهن نواسه رسول صه دين مبين جي سربلندي لاءِ بيٺل هو، اڄ هڪ ڪرب وبلا ڪشمير ۾ برپا آهي، ڪرفيو جو 39 هون ڏينهن آهي، پوري واديءَ ئي جيل آهي، کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائن جي کوٽ ۽ جنت نظير جو د??يا سان رابطو منقطع آهي.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن