باڪو-02 مارچ (اي پي پي) غير وابسته تحريڪ جي چيئرمين ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ڪووڊ- 19 سبب دنيا تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي ازالي ۽ بحالي لاءِ گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي پينل جي قيام جي تجويز پيش ڪئي آهي ته جيئن عالمي سطح تي قدمن جي باري ۾ تفصيلي سفارشون پيش ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن غير وابسته تحريڪ جي سربراهي سطح جي رابطا گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته آذربائيجان ضرورتمند غير وابسته تحريڪ جي آفريقا سميت مختلف ملڪن کي مالي ۽ انساني امداد فراهم ڪندو رهندو. سربراهي اجلاس ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن ۽ غير وابسته تحريڪ جي تقريبن 70 ملڪن جي اعليٰ قيادت ۽ حڪومت جي ميمبرن شرڪت ڪئي. آذربائيجان جي صدر اهو اعلان ??ڻ ڪيو ته آذربائيجان ??هرين ڊونر طور هڪ ملين ڊالر مختص ڪري رهيو آهي، هن ??يو ته وبا جي آغاز کان ??ورن بعد غير وابسته تحريڪ ڪووڊ – 19 جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ اڳرائي ڪئي. هن ??يو ته آذربائيجان 80 کان ??ڌيڪ ملڪن کي ڪورونا وائرس بابت مالي ۽ انساني امداد فراهم ڪئي. هن ??يو ته وبائي بيماري 2030ع جي پائيدار ترقياتي هدف لاڳو ڪرڻ تي ناڪاري اثر پيا. آذربائيجان جي صدر ??يو ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ 2030ع جي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. صدر ??يو ته عالمي ڪوششن جو مقصد انصاف ۽ عالمي قانونن جو دفاع ڪرڻ آهي. هن خودمختياري، قومي ملڪيت، برابري ۽ گڏيل فائدي جي احترام جي ا??ول?? تحت ڏکڻ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو. غير وابسته تحريڪ جي چيئرمين ??يو ته آذربائيجان غير وابسته تحريڪ جي اداره جاتي ترقي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته آذربائيجان غير وابسته تحريڪ جي پارلياماني نيٽ ورڪ ۽ تحريڪ جي يوٿ آرگنائزيشن جي قيام جو آغاز ڪيو، هن ??يو ته اسان جو مقصد اداره جاتي استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ انهن ميمبرن لاءِ هڪ ڪامياب ميراث ڇڏڻ آهي جيڪي آذربائيجان کانپوءِ چيئرمين شپ سنڀاليندا. هن ??يو ته 120 ميمبرن سان غير وابسته تحريڪ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کانپوءِ ٻيو وڏو عالمي ادارو آهي. صدر عليوف ??يو ته عالمي سلامتي جو ڍانچو جيڪو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ??وجود آهي، هن وقت ڊرامائي تبديلين کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ گهڻ رخي عمل داءُ تي لڳل آهي، هن ??يو ته عالمي قانون جي ا??ول?? کي نظرانداز ڪرڻ سان عالمي نظام کي وڌيڪ خطرا درپيش آهن. هن ??يو ته خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي ۽ رياستن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جا وڌيڪ واقعا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اهم عالمي تنظيمن جي فيصلن تي يا عمل نه ڪيو ويندو آهي يا وري سليڪٽيو ايپروچ ۽ ٻٽو معيار لاڳو ڪيو پيو وڃي، هن ??يو ته گڏيل قومن کانپوءِ ٻيو سڀ کان ??ڏي عالمي اداري طور غير وابسته تحريڪ کي عالمي ميدان ۾ وڌيڪ واضح ۽ موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ نئين عالمي نظام جي نئين سر جوڙجڪ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد تي به زور ڀريو ۽ تجويز پيش ڪئي ته سلامتي ڪائونسل جي جوڙجڪ کي وڌيڪ نمائنده ۽ جاگرافيائي طور تي وڌيڪ منصفاڻو بڻائڻ لاءِ وڌايو وڃي، سلامتي ڪائونسل جي ڪجهه قراردادن تي ڪجهه ڏينهن ۾ عملدرآمد ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به آذربائيجان جي معاملي ۾ آرمينا سلامتي ڪائونسل جي چار قراردادن کي نظر انداز ڪيو جنهن ۾ تقريبن 30 سالن کان آذربائيجان جي علائقي مان ??نهنجي هٿياربند فوج جي فوري ۽ غير مشروف واپسي جو مطالبو ڪيو ويو هو. هن ??يو ته 2020ع ۾ آذربائيجان ??اڻ فوجي سياسي طريقن سان ??نهنجي علائقائي سالميت ۽ تاريخي انصاف کي بحال ڪيو ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي لاڳو ڪيو. صدر عليوف ??يو ته شايد هي گڏيل قومن جي قيام کانپوءِ دنيا جو پهريون ڪيس هو، هن ??يو ته آذربائيجان ??نهنجي مالي وسيلن مان آزاد ڪرايل علائقن ۾ وڏي پئماني تي نئين سر تعمير جو ڪم ڪيو، آذربائيجان حڪمت 2022ع-2021ع ۾ نئين سر تعمير جي ڪم لاءِ تقريبن 4 بلين ڊالر خرچ ڪيا آهن، هن سال اسان ان ??قصد لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 1.7 بلين ڊالر مختص ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا. هن ??يو ته غير وابسته تحريڪ کي هڪ مستقل سيٽ ڏيڻ گهرجي ۽ تحريڪ جي سربراهه جي عهدي تي فائز ملڪ کي اها سيٽ واري واري سان ??لڻ گهرجي. هن اها تجويز پيش ڪندي تحريڪ جي ميمبر ملڪن سان ان ??عاملي تي مشاورت شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن ??يو ته اسان سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا لاءِ مستقل سيٽ مختص ڪرڻ جي به حمايت ??ري??ن ٿا. صدر الهام عليوف آذربائيجان جي موقف جي حمايت ڪرڻ ۽ 2020ع ۽ 2022ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ هڪطرفي ۽ متعصب آذربائيجان ??خالف بيانن کي منظور نه ٿيڻ تي غير وابسته تحريڪ جي ملڪن جي واکاڻ ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي صدر ڪسابا ڪروسي ??يو ته ڪورونا وبائي مرض دنيا کي سيکاريو ته ڪو به ان ??قت تائين محفوظ ناهي جيستائين سڀ محفوظ نه هجن، ڇاڪاڻ ته اسان جي سرحدن کي بند ڪرڻ ۽ انفرادي قدم کڻڻ ڪافي ناهن، هن وبائي مرض مان ??ڪرڻ جو واحد رستو نه رڳو سرحدن جي اندر پر ان کان ??اهر به يڪجهتي آهي.
غير وابسته تحريڪ جي سربراهي سطح جي رابطا گروپ جو اجلاس، تحريڪ جي چيئرمين الهام عليوف جي ڪووڊ – 19 سبب دنيا تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي ازالي ۽ بحالي لاءِ گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي پينل جي قيام جي تجويز
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil