گڏيل قومون-21 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته ??نسانيت فوسل فيول جي استعمال تي ڀاڙي جه??م جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. سعودي خابرو اداري موجب هن گذريل ڏينهن ڪلائميٽ ايمبيشن سمٽ جي شروعات ڪندي چيو ته وڌندڙ غير معمولي موسمي حالتن ۽ عالمي گرمي پد باوجود گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنيون شاندار منافعو ڪمائينديون آهن. هن چيو ته ڪلائميٽ ايمبيشن سمٽ ڪو معمولي فورم ناهي، ان ۾ رهنما يا ڪابينا جا وزير مخصوص قدمن جو اعلان ڪندا جيڪي پئرس جي معاهدي تحت ??ن جي واعدن کي پورو ڪن ٿا. هن هلندڙ سال گرمي پد ۾ خوفناڪ حد تائين اضافي ۽ ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جي ت??ريخي واقعن جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مستقبل اوهان جهڙن اڳواڻن کي لکڻو آهي. هن چيو ته هاڻي به عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري ت??ئين محدود ڪري سگهون ٿا، اسان هاڻي به صاف هوا ۽ سڀني لاءِ سستي ماحول دوست توانائي جي دنيا بڻائي سگهون ٿا، هن چيو ته ??المي گرمي پد کي 1.5 ڊگري ت??ئين محدود ڪري ماحولياتي ت??ديلي جي ڊگهي مدي واري ت??اهي آڻيندڙ اثرن کان بچي سگهجي ٿو.
انسانيت فوسل فيول جي استعمال تي ڀاڙي جهنم جا دروازا کولي ڇڏيا آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena