بيجنگ – 05 آگسٽ (اي پي پي) چين ڪشمير مسئلي تي پنهنجي مستقل ۽ واضح موقف جو ورجاءُ ڪندي سفارتي ذ??يع?? سان پراڻي تڪرار جي پر امن حل جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڪشمير مسئلي تي چين جو موقف مستقل ۽ واضح آهي ته ڪشمير مسئلو تاريخ جو مڃيل تڪرار آهي ۽ ان کي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ٻطرفي معاهدن مطابق پرامن طريقي ??ان حل ڪرڻ گهرجي. ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ هڪ طرفي ڀارتي ڪار??وا??ين خاص طور تي گذريل 5 سالن ۾ تڪراري علائقي ??ي حيثيت ۽ آبادي جي شرح تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن جي باري ۾ صحافين جي سوال جو جواب ڏيندي چيني ترجمان سمورين ڌ??ين تي زور ڏنو ته هو هڪ طرفو قدم کڻڻ کان پاسو ڪن جنهن سان صورتحال وڌيڪ مُشڪل ٿي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo