انقره – 26 نومبر (اي پي پي ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ترڪيه غزه تڪرار ختم ٿيڻ تائين فلسطيني عوام جي حمايت جاري رکنداسين . پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن گذريل ڏينهن ڪابينه جي اجلاس بعد چيو ته اسا?? پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي پوري طاقت ۽ وسيلن سان حمايت ڪنداسين. جيستائين نسل ڪشي ختم نه ٿي ٿئي ۽ غزه ۽ فلسطين کي مڪمل طورتي آزاد نٿو ڪيو وڃي سندن حمايت جاري رهندي . هن چيو ته ترڪيه سمورن عالمي پليٽ فارمز تي فلسطين جي حمايت ڪري رهيو آهي . ترڪيه جي صدر چيو ته اسان هن مشڪل وقت ۾ مظلوم فلسطيني عوام لاءِ پنهنجي ڀائراڻي ف??ض کي پور?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون . اسرائيل جي وزيراعظم بي??جم?? ني??ن ياهو ۽ سندس قاتلن جي نيٽ ورڪ جي چوڌاري گهيرو سخت ٿيندو پيو وڃي . هن چيو ته عالمي فوجداري عدالت اسرائيلي وزيراعظم بي??جم?? ني??ن ياهو ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير يو او گيلنٽ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن جيڪو هڪ جرائت منداڻو قدم آهي.
غزه تڪرار ختم ٿيڻ تائين فلسطيني عوام جي حمايت جاري رکنداسين: ترڪيه جو صدر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ