واشنگٽن – 23 ڊسمبر (اي پي پي)آمريڪي صدر جوبائيڊن اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ ??هيني نئين چونڊيل صد?? ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف ??رداري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن آمريڪي صحافي جي سوال جي جواب ۾ چيو ته مان يقيني طور نئين چونڊيل صدر جي حلف ??رداري تقريب ۾ شرڪت ڪندس. وائيٽ هائوس طرفان گذريل مهيني جاري بيان ۾ چيو ويو هو ته صدر جوبائيڊن ۽ خاتون اول جل بائيڊن ٽرمپ جي حلف ??رداري ۾ شرڪت ڪندا. ان کان علاوه جوبائيڊن پاڻ به گذريل آگسٽ ۾ واعدو ڪري چڪو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي جي صورت ۾ هو جنوري 2025ع ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف ??رداري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وائيٽ هائوس جي ڊپٽي پريس سيڪريٽري اينڊريو بيٽس چيو ته صدر جوبائيڊن ۽ خاتون اول نئين صدر جي حلف ??رداري واري تقريب ۾ شرڪت جي واعدي کي پورو ڪندا.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ