اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي ??اري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو ترقي ۽ خوشحالي جو لنگهه ٿابت ٿيندو، پاڪستان گوادر جي ترقي سان گڏوگڏ خطي ۾ ٻيون بندرگاهون قائم ڪرڻ جي به آجيان ??ند??سين، پاڪ چين لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام نه هڪ ارب ماڻهن جا لاڳاپا آهن. پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۾ پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 65 هين سالگرهه جي موقعي تي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي ??اري وزارت جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز“ جي عنوان سيمي??ار سان خطاب ڪندي هن چيو ته اقتصادي لنگهه منصوبي سان ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ترقي جا چشما جاري ٿيندا جنهن سان انسانيت کي فائدو ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا