غزه -07 نومبر (اي پي پي) فلسطيني م??احمتي تحريڪ حماس جي اڳواڻ اسامه بن حمد چيو آهي، ته غزه جي پٽي تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قبول نه ڪنداسين. هن پريس ڪانفرنس ۾ حماس کان سواءِ غزه ۽ غزه جي م??تقبل جو تعين ڪرڻ واري آمريڪي تجويز کي رد ڪندي چيو ته جيڪي اهو سوچي رهيا آهن ته حماس ختم يا غائب ٿي ويندي انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪا به زميني طاقت حماس کي نه ختم ڪري ٿي سگهي ۽ نه ئي ان جي اثرن کي گهٽائي سگهي ٿي، حماس ئي غزه ۾ رهندي. هن چيو ته حماس فلسطيني عوام جي دلين ۾ ۽ انهن جي شعور ۾ رهندي، ڪا به زميني طاقت حماس کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اسرائيل جي اتحادي آمر??ڪا حماس کي ميدان تان هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي، هي تصور بلڪل ئي اهڙو آهي جهڙو ٻي جنگ عظيم دوران نازين جي ڪٺ پتلي رياست فرانس ۾ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو آمر??ڪا کي پنهنجي مٿان مسلط ٿي?? نه ڏيندا. اهڙي انتظاميه ج??ڪا آمر??ڪا ۽ اسرائيل لاءِ سٺي هجي اسان جا ماڻهو اهڙي حڪومت غزه ۾ ڪڏهن به قبول نه ڪندا.
غزه تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قبول ناهي: حماس
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada