گڏيل قومون -14 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن ??بر??ار ڪيو آهي، ته اسرائيل طرفان غزه ۾ اچ وڃ جا رستا بند ٿيڻ سبب انساني صورتحال وڌيڪ سنگين ٿيندي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻارڻ جي گهٽتائي سبب امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي اچ وڃ بند ٿي س??هي ٿي، والاريل فلسطيني علائقي ۾ گڏيل قومن جي انساني معاملن واري آفيس او سي ايڇ اي جي آفيس جي سربراهه والاريل بيت المقدس مان ويڊيو لنڪ ذريعي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌ??يو ته غزه جي پٽي ۾ انساني زندگيون انتهائي خطرناڪ صورتحال ۾ مبتلا آهن، جن ۾ اسپتالن جي انڪيوبيٽرز ۾ علاج هيٺ ٻار به شامل آهن، جن جي زندگين جو دارومدار اسپتال ۾ بجلي جي فراهمي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته انساني همدردي جي بنياد تي جنگ بندي ۽ ٻارڻ جي فراهمي ٿيڻ گهرجي ۽ وڏي تباهي ٿيڻ کان پهرين ق??م کڻڻ جي ضرورت آهي. ان کان پهرين جو دير ٿي وڃي.
غزه ۾ وڏي تباهي کي روڪڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado