سي??ول- 05 نومبر (اي پي پي) اتر ڪوريا گھٽ مفاصلي تائين ??ار ڪندڙ ڪيترن ئي بيليسٽڪ ميزا??لن جو تجربو ڪيو آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيو آھي ته هنن ٻيٽ نما ڪوريا جي اوڀر ۾ ڪ??لھه صبح جو اٽڪل 7:30 وڳي ڪيترا ئي گھٽ مفاصلي تائين ??ار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزا??لن جي لانچ ڪرڻ جو پتو لڳايو آھي. ڪالھه صبح جو ميزا??لن اٽڪل 400 ڪلو ميٽر (248 ميل) تائين اڏام ڀري. ڏکڻ ڪوريا جي فوج چيو ته اسان جاپان ۽ آمريڪا سان معلومات جي مٽا سٽا ڪئي آھي. فوج وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي فوج اضافي لانچز جي تياري جي سلسلي ۾ پنھنجي نگراني کي مضبوط ڪيو آھي. جاپان پڻ اتر ڪوريا جي تازن ميزا??لن جي تجربن جي تص??يق ڪئي آهي. جاپان جي حڪومت جي اعليٰ ترجمان چيو آھي ته اتر ڪوريا طرفان بيليسٽڪ ميزائل بار بار فائر ڪرڻ سبب اسان جي ملڪ جو امن ۽ سلامتي خطري جو شڪار آھي. واضح رھي ته اتر ڪوريا گذريل ھفتي جديد ۽ طاقتور مضبوط ٻارڻ وارو بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائل جو تجربو ڪيو.
اتر ڪوريا پاران گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جو تجربو
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná