اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته تعليم موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تجويز ڪيل ايجوڪيشن پاليسي کي ??لد کان ??لد حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏوگڏ سمورين صوبائي حڪومتن ۽ ڌرين جي مشاورت سان جديد دور جي گهرجن موجب تعليم جي فروغ جي حوالي سان ٺوس روڊ ميپ جوڙيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ تعليم جي فروغ، تعليمي نظام ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ هنرمندي جي تعليم جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعل??م واري وفاقي وزير شفقت محمود، تعل??م واري سيڪريٽري ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، پرڏيهي سيڪريٽري، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري، اين آءِ ٽي بي جي چيئرمين، نيوٽيڪ جي چيئرمين ۽ نجي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪ??ي. تعل??م واري وفاقي وزير شفقت محمود اجلاس کي تعل??م واري وزارت پاران تعليمي نظام ۾ سڌارن، ڪوورنا وبا دوران فاصلاتي تعليم جي حوالي سان قدمن، ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ڏس ۾ پائليٽ پراجيڪٽس شروع ڪرڻ، سڄي ملڪ ۾ اسڪلز فار آل منصوبن جي شروعات، ڊيجيٽل لٽ??يسي ۽ ناليج اڪانومي جي فروغ جي حوالي سان مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي آگاهه ڪيو.
وفاقي حڪومت پاران تعليم جي فروغ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا