اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻه طرفي ل??ڳا??ن ۽ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي شاه محمود قريشي چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. پاڪستان هميشه افغ??ن امن عمل جي حمايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس ”ٽرائيڪا پلس“ جو حصو هجڻ ڪري افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي افغان شهرين جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي. شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ گهرا ٻه طرفا ل??ڳا??ا آهن. اسان پاسڪت??ن اسٽريم گيس پائپ لائين منصوبي تي جلد عملدرآمد لاءِ پرعزم ??هي??ن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ