اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سيا??ي معاملن واري خاص مع??ون ۽ ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل مراد علي شاهه جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت وٽ هر نااهلي جو جواز وفاق تي چڙهائي آهي، گذريل 13 سالن کان سنڌ تي مڙهيل پارٽي س??ڌ جي عوام کي بنيادي سهولتن تائين فراهم نه ڪري سگهي. ڊاڪٽر شهباز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پنجاب ۾ ايئر ايمبولينس سروس شروع ڪئي پئي وڃي پر س??ڌ جي عوام اڄ به ريسڪيو سروس کان محروم آهي، سنڌ ۾ اڄ به رڳو ڀٽو زندهه آهي عوام نه. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته سنڌ سرڪار هر شيءَ جي ذميواري وفاق تي وجهي ذميواري کان آجي نه ٿي سگهندي، پيپلزپارٽي جي ڪاغذي ڪارڪردگي جي ڪري اڄ س??ڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي تائين ميسر نه آهي، ٿر ۾ ماڻهو بک سان مري رهيا آهن، اندرون سنڌ علاج جي ڪا سهولت ميسر نه آهي.
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک