اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) حڪومت آبادگا??ن ۽ هارين جي مس??لن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت پاڪستان سٽيزن پورٽل تي هارين لاءِ خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران ان حوالي سان جاري ڪيل ??دايتن ۾ هارين جي مس??لن جي حل لاءِ صوبائي حڪومتن کي خصوصي حڪم جاري ڪيا ويا آهن جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي هارين جي شڪايتن جي فوري حل لاءِ قدمن جون هدايتون ڪ??ون و??ون آهن.
وزيراعظم عمران خان پاران جاري هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري آفيسر هارين جي مس??لن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، ان حوالي سان وزيراعظم ڊليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) سمورين صوبائي حڪومتن کي خط جاري ڪيو آهي، جنهن تحت هاڻي هاري پنهنجا مس??لا سڌو سنوان سٽيزن پورٽل تي ٻُڌائي سگهندا، وزيراعطم آفيس چيو آهي ته پنهنجي مس??لن جي حل لاءِ هاڻي آبادگا??ن ۽ هارين کي سرڪاري آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پوندا،
وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سمورا چيف سيڪريٽريز هارين جي مس??لن جي حل تي آفيسرن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ جوڙين، خط ۾ سمورنص وبن ۾ هارين جي مس??لن جي لاءِ 123 سرڪاري آفيسرن کي ذميدار??ون سونپ??ون و??ون آهن ۽ ان حوالي سان خيبرپختونخوا جي 43 جڏهن ته پنجاب جي 57 آفيسرن کي ذميداري سونپي وئي اهي، سڄي ملڪ جا هاري هاڻي پي ايم پورٽل تي ڪارڊ، ڀاڻ، ٻج، پاڻي جي چوري، فصل، جنسن جي قيمتن تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهندا. ان کانسواءِ جيت مار دوائن ۽ ٻين 52 مس??لن جو ازالو به بروقت ممڪن ٿي سگهندو، وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ ان حوالي سان آبادگا??ن ۽ هارين جي آگاهي لاءِ ضلعي سطح تي خصوصي مهم به هلائي وڃي.