اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ا??د عمر چيو آهي ته ملڪ جي 70 ملين ماڻهن کي ڪوويڊ ويڪسين جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي آهي. وفاقي وزير ا??د عمر جيڪو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو انچارج به آهي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته سال جي آخر تائين 70 ملين ماڻهن کي ويڪسين لڳا??ڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان کان ٻه مهينا اڳ ئي حاصل ڪري ورتو. 2021ع جي لاءِ سال جي آخر جو ه??ف 7 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳا??ڻ جو مقرر ڪيو ويو هو، اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته 7 ڪروڙ (70 ملين) ماڻهن کي هاڻي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي آهي ۽ 4 ڪروڙ (40 ملين) مڪمل طور ت?? ويڪسين لڳرائي چڪا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته 2 مهينا باقي آهن، اسان انشاءَ الله پنهنجي هدف کان اڳتي وڌنداسين.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس