اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين مح??د صادق سنجراڻي ڪيچ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي بلن?? درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. هن چيو ته ملڪ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته شرپسند عنصر پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جا م??الف آهن، ملڪ جي دفاع ۽ امن ۽ امان جي قيام لاءِ ڌرتي جي بهادر سپوٽن جون قربانيون سدائين ياد رک??ون وينديون. هن چيو ته ملڪ دشمن عنصر پنهنجي مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جدوجهد جاري رک??داسين. ڊپٽي چيئرمين مرزا مح??د آفريدي، سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر شهزاد وسيم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني به سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي بلن?? درجن جي دعا ڪئي.
سينيٽ چيئرمين پاران ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste