اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ ??يش??وراڻي ۽ هنر تي ٻڌل تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جيڪي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مددگار ٿابت ٿيندا. اعليٰ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چ??و ته حڪومت تعليمي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ مستحق شاگردن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ 50 هزار وظيفن جو اعلان ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن پ??وف??شنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيئرمين حفيظ الحق جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهايئندي صدر چ??و ته خصوصي شاگردن کي پنهنجي تعليم جاري رکڻ ۽ کين مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ اسان جي اهم ترجيح آهي، هن وڌيڪ چ??و ته خصوصي ماڻهن جي مدد ۽ حوصلا افزائي لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن هڪ پاليسي ٺاهي رهي آهي جنهن ۾ معذور شاگردن کي ٽيوشن ۽ هاسٽل فيس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. صدر تعليم جي ورچوئل جزو کي وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چ??و ته اها گهٽ لاڳت ۽ آسان پهچ وارو طريقو آهي. ان وقعي تي پ??وف??شنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جي چيئرمين صدر کي ??يش??وراڻي تعليم جي فروغ ۾ فائونڊيسن جي ڪردار جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌا??و ته پي ايف ايف انهن هوشيار شاگردن کي وظيفا ۽ بنا وياج جي قرضن جي آڇ ڪئي جنهن ميرٽ تي پ??وف??شنل ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪئي، پر اهي پنهنجي فيس ادا ڪرڻ جي سگهه نه رکندا هئا، هن چ??و ته پي ايف ايف جي مالي تعاون سان 1700 شاگردن گريجوئيش?? ڪئي آهي، هن وڌيڪ ٻڌا??و ته فائونڊيشن 21 -2020ع ۾ 1900 شاگردن جا تعليمي خرچا ادا ڪيا جيڪي ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين پ??وف??شنل ڪاليجن/يونيورسٽين ۾ تعليم پرائي رهيا هئا، صدر پ??وف??شنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڪوششن ۽ سهڪار کي ساراهيو جيڪا مستحق شاگردن جي تعليم جاري رکڻ ۾ مدد ڪري هڪ شاندار ڪم ڪري رهي آهي.
ملڪ ۾ پيشيوراڻي ۽ هنر تي ٻڌل تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر