اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ ثمينه ??ارف علوي مقتول صحافي ارشد شريف جي گهر ويا ۽ ان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ارشد شريف جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ارشد شريف جي خاندان جي ڀاتين سان افسوس جو اظهار ۽ مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته آ??اد صحافت جي لاءِ مرحوم ارشد شريف جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه ??هن، ارشد شريف تحقيق ۽ حقيقتن سان بنا ڪنهن ڊپ جي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندو هو. صدر م??حوم جي صحافتي خدمتن کي خراج تحسين، پونيئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعا??يٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس