شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف 7 ۽ 8 نومبر 2022ع تي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪلائميٽ ايمپلي مينٽيشن سمٽ ۾ شرڪت ڪئ??. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران و??ير??عظم ڪيترين ئي اعليٰ سطح جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئ??. مختلف ليڊرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون جڏهن ته پنهنجي هم منصبن سان ۽ عالمي ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئ??. و??ير??عظم سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، ا??لاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان، و??ير??عظم جا خاص معاونين سيد فهد حسين ۽ سيد طارق فاطمي پڻ شامل هئا. ماحولياتي تبديلين بابت سربراهه اجلاس ۾ و??ير??عظم ناروي جي و??ير??عظم سان گڏ اعليٰ سطح جي گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪئ??. و??ير??عظم سعودي عرب جي ولي عهد ۽ پنهنجي ميزباني ۾ منعقد مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو ۾ پڻ شرڪت ڪئ??. هو ماحوليات بابت ”نقصانن ۽ زيان تي قدم ۽ تعاون کي وڌائڻ ۽ ماحولياتي خطرن جي حوالي سان عالمي ڍال“ جي موضوع تي هڪ اعليٰ سطح جي بريڪ فاسٽ تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو جنهن جي جرمني جي چانسلر ۽ گهانا جي صدر گڏيل ميزباني ڪئ??. و??ير??عظم سمٽ ۾ قومي بيان پڻ ڏنو. و??ير??عظم پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جيڪو ماحولياتي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ خاص طور تي تازي موسمياتي ٻوڏ تي ڌيان ڇڪرائيندي قومي موقف مضبوطي سان پيش ڪيو ۽ عالمي اڳواڻن کي ماحوليات جي حوالي سان پاڪستان جي پائيدار انداز ۾ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ تعاون جي دعوت ڏني. ماحولياتي ڪنوينشن جي جوڙيل اصولن جي رهنمائي ۾ فوري طور تي ماحولياتي قدمن جي لاءِ عالمي تعاون تي ز??ر ڏيندي و??ير??عظم چيو ته ماحولياتي ڪانفرنس جا ٺوس نتيجا نڪرڻ گهرجن ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا وڃن. ڪانفرنس جي حوالي سان پاڪستان جي ترجيحن تي روشني وجهندي و??ير??عظم اسرندڙ ملڪن ۾ موافقت رکندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار ۽ متوقع مالي وسيلن جي فوري ضرورت تي ز??ر ڏنو. هن موسميات سان پيدا ٿيندڙ نقصانن ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فنانسنگ جي سهولت تي ز??ر ڏنو ۽ ڪوپ ايجنڊا تحت نقصانن ۽ زيان جي روڪٿام جي لاءِ فنڊنگ جي انتظامن تي باضابطا طور تي معاهدي جي آجيان ڪئ?? جيڪو هڪ اهم مقصد آهي جنهن تي پاڪستان گروپ 77 جي چيئرمين طور عمل ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي و??ير??عظم عالمي اڳواڻن سان رسمي ۽ غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? جن ۾ سعودي عرب ولي عهد ۽ و??ير??عظم، جرمن چانسلر، مصري صدر ۽ ناروي جا و??ير??عظم شامل هئا. انهن ملاقاتن دوران ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. و??ير??عظم ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪئ?? ۽ ڪوپ – 27 ۾ پاڪستان جي ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان کنيل قدمن کان آگاهي جي لاءِ پاڪستان پويلين ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئ??. ڪوپ – 27 جي باقاعده سرگرمي 18 نومبر 2022ع تائين جاري رهندي. گروپ 77 جي صدارت ڪندڙ جي حيثيت سان پاڪستان موسمياتي تبديلي بشمول ماحولياتي فنانس، موافقت، خاتمي ۽ صلاحيت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۾ اسرندڙ ملڪن جي قيادت ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو مصر جو دورو: شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪلائميٽ ايمپلي مينٽيشن سمٽ ۽ اعليٰ سطح جي تقريبن ۾ شرڪت، مختلف عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena