اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير مريم ??ورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 25 کان 26 نومبر 2022ع تائين ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي ل??ءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندو. جمعي تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نش??يات وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان ترڪي اسٽريٽجڪ پارٽنر شپ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته پنهنجي دوري جي دوران وزيراعظم ترڪيه جي ڪاروباري برادري جي وفد ?? اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جي صدر سان ملاقات ڪندو.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ