اسلام آباد – 02 ?? ڊسمبر (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفار??خا??ي جي ڪمپائونڊ تي جمعي ڏينهن حملو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن ??بيدالرحمان نظاماڻي کي نشانو بڻايو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستاني سفار??خا??ي جي ڪمپائونڊ ۾ ٿيندڙ حملي ۾ هيڊ آف مشن محفوظ رهيو. ترجمان موجب جڏهن ته هڪ پاڪستاني سيڪيورٽي گارڊ سپاهي اسرار محمد هيڊ آف مشن ??ي حفاظت ڪندي حملي ۾ شديد زخمي ٿيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت ڪابل ۾ پاڪستاني سفار??خا??ي جي هيڊ آف مشن ??ي قاتلاڻي حملي ۽ سفار??خا??ي جي ڪمپائونڊ تي حملي جي شديد مذمت ڪري ٿي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت فوري طور تي ان حملي جي مڪمل جاچ، ??وا??دارن کي پڪڙڻ، انهن جو محسابو ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ پاڪستاني سفارتي عملي ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.
ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي حملو، هيڊ آف مشن عبيدالرحمان نظاماڻي کي نشانو بڻايو ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری