اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون ت??ظي?? (اي س?? او) جي 26 هين وزارتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، جيڪو 23 ۽ 24 جنوري تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ ٿي رهيو آهي. ڪانفرنس جو موضوع ”رابطي کي مضبوط بڻائڻ جو سال“ آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزارتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندو ۽ ان موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين نمائندن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ڪائونسل آف منسٽرز اقتصادي تعاون ت??ظي?? جو پاليسي ساز فورم آهي، جيڪو ت??ظي?? جي فيصلن ۽ سالياني ورڪ پلان جي منظوري ڏي ٿو، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اقتصادي تعاون ت??ظي?? جو 25 هون وزارتي ڪائونسل اجلاس نومبر 2021ع ۾ اشڪ آباد ترڪمانستان ۾ ٿيو هو، پاڪستان هڪ باني ميمبر طور اقتصادي تعاون ت??ظي?? (اي س?? او) جي لاءِ پرعزم آهي، جنهن جو مقصد مواصلات، واپار، ثقافت ۽ رابطن تي خصوصي ڌيان سان گڏ موثر علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي.
بلاول ڀٽو زرداري جي اي سي او جي 26 هين وزارتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil