اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪس??ان 29 ۽ 30 مارچ تي جمهوريت بابت ٻي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي آمريڪا ۽ ٻين شريڪ ميزبان ملڪن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته هڪ متحرڪ جمهوريت طور پاڪس??ان جي عوام جمهوري قدرن سان گهري وابستگي رکي ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ويو آهي ته پاڪستانين جي نسلن وقت بوقت جمهوريت، انساني حقن ۽ بنيادي آزادين بابت پنهنجي اعتماد کي برقرار رکيو آهي، هلندڙ مهيني قوم 1973ع جي آئين جي 50 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي ??يڪ?? پاڪس??ان ۾ جمهوري سياست جو سرچشمو آهي. ترجمان چيو ته اسان آمريڪا سان پنهنجي دوستي جو قدر ڪريون ٿا، بائيڊن انتظاميا دوران اسان جا گڏيل لاڳاپا ڪاف?? حد تائين وسيع ۽ وڌيا آهن، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪس??ان ان سمٽ جي عمل جو حصو ناهي رهيو جيڪو 2021ع ۾ شروع ٿيو جنهن ۾ ملڪن سان ڪجهه قومي واعدا ڪرڻ جي ضرورت هئي. ترجمان وڌيڪ چيو ته سربراهي اجلاس جو عمل هاڻي هڪ اعليٰ درجي جي مرحلي تي آهي، ان لاءِ پاڪس??ان جمهوري اصولن ۽ قد??ن کي فروغ ڏيڻ، مضبوط ڪرڻ ۽ انساني حقن ۽ بدعنواني جي خلاف جنگ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ سربراهي اجلاس جي شريڪ ميزبانن سان ٻطرفو تعاون ڪندو.
پاڪستان پاران 29 ۽ 30 مارچ تي جمهوريت بابت ٻي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي آمريڪا ۽ ٻين شريڪ ميزبان ملڪن جا ٿورا مڃيا
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری