اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير رينا ڪيونڪا پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل د??چس??ي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. ملاقات ?? علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي سفير ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفن ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جي ايس پي پلس سميت اقتصادي شعبي ۾ تعاون پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻنهي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی