برسلز – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ڪائونسل اي يو جي چيئرمين علي رضا سيد چيو آهي ته عالمي برادري ڄم??ن ۽ ڪشمير تي ڀ??رت جو غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ ۾ مظلوم ڪشميرين جي مدد ڪري. ڪشمير ميڊيا سروس موجب برسلز ۾ ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي منعقد هڪ ويبنار کي خطاب ڪندي علي رضا سيد چيو ته ڀ??رت گذريل 76 سالن کان ڄم??ن ۽ ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪيو آهي. هر سال اسان ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهايون ٿا ۽ احتجاج ڪريون ٿا. هن چيو ته 76 سال اڳ ڀ??رت ڄم??ن ۽ ڪشمير جي سرزمين تي غيرقانوني حملو ڪري قبضو ڪيو هو جيڪو اڄ ب?? جاري آهي. هن چيو ته ڪجهه طاقتور ملڪ پنهنجي فوجي طاقت جو غلط استعمال ڪن ٿا ۽ عالمي اصولن جي خلاف ورزي ڪندي ڪمزور قومن تي قبضو ڪن ٿا جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هجڻ گهرجي. علي رضا سيد چيو ته اسان عالمي برادري ۽ عالمي سول سوسائٽيز کان ڄم??ن ۽ ڪشمير تي ڀ??رت جو قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.
عالمي برادري ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ ۾ مظلوم ڪشميرين جي مدد ڪري: ڪشمير ڪائونسل اي يو جو چيئرمين علي رضا سيد
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل