اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معام??ن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي لاءِ سمورا ضروري وسيلا ۽ تعاون فراهم ڪنداسين، چونڊن جو شفاف ۽ قابل اعتماد طريقي سان انعقاد يقيني ب??اي?? ويندو. اها ڳالهه هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشر?? سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندڙ عام چونڊن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊ عمل جي ضرورت تي زور ڏنو. اطلاعات ۽ پارلياماني معام??ن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون م??عقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن کي سمورا ضروري وسيلا ۽ تعاون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته چونڊن جو شفاف ۽ قابل اعتبار طريقي سان انعقاد يقيني ب??اي?? ويندو. ان م??قعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون م??عقد ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي عزم جي آجيان ڪئي.
اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي لاءِ سمورا ضروري وسيلا ۽ تعاون فراهم ڪنداسين: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ