شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي و??ثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ تاريخي ۽ ثقافتي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين، چيني ح??ومت جي تاريخي و??ثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سان دنيا جي هر شعبي ۾ پ??ڻ کي مڃرايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي دوري جي موقعي تي شي – آن ۾ پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي و??ثي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم ??و دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب گذريل ڏينهن چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم کي پنهنجي اباڻي شهر شي – ان ۾ ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم ??و دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. دوري دوران وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي تاريخي و??ثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي حوالي سان بريفنگ ڏني و??ي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ميوزيم جي مختلف حصن ??و دورو ڪيو ۽ قديم چيني تاريخي و??ثي جي خوبصورتي ۽ چيني هنر کي ساراهيو ۽ چيو ته عظيم قومون چين وانگر پنهنجي تاريخي و??ثي جي حفاظت ڪن ٿيون. هن چيو ته ٻه سئو قبل مسيح جي چيني ڪاريگرن جو هنر ساراهه جوڳو آهي، چيني ح??ومت جي ان تاريخي و??ثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سان دنيا جي هر شعبي ۾ پ??ڻ کي مڃرايو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چيني صدر شي جن پنگ جي ان ميوزيم جي دوري جي دعوت تي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي و??ثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ به اهڙي تاريخي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جي دوري جي موقعي تي وفاقي و??ير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ ساڻس گڏ هئا.
پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ تاريخي ۽ ثقافتي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر