پشاور _ 29 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جهنڊي جي سربلندي واري مهم ۾ پنهنجي تصوير جاري ڪئي آهي. ان حوالي سان هن پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته منهنجو جهنڊو منهنجو فخر آهي. اهو وطن، اهو جهنڊو ۽ ان جي مٽي جو هڪ هڪ ذرو اسان کي پنهنجي جان کان به پيارو آهي. گورنر چيو ته قومي جهنڊي جي سر بلندي لاءِ هن ملڪ جي شهرين ?? سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ڪنهن کان لڪيل ناهن. هن چيو ته هن جهنڊي جي پاڇي هيٺ سموري قوم متحد آهي ۽ ان جي دشمنن جي منصوبن کي ناڪام بڻائينداسين.
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil