اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) وزيراعظم جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ واري پروگرام تحت اسلام آباد جي آفيس ۾ هڪ جديد ڊي ڪيئر سينٽر قائم ڪيو آهي. اداري جي جنرل مئنيجر (ايڇ آر) انجنيئر سهيل ممتاز باجوا ۽ جنرل مئنيجر پروجيڪٽ ڊليوري (اتر) انجنيئر شا??د نذير زيرو پوائنٽ جي ويجهو سيڪٽر جي سيون ون ۾ قائم آفيس ۾ ڊي ڪيئر سينٽر جو افتتاح ڪيو، ڊي ڪيئر سينٽر قائم ڪرڻ جو مقصد آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورت آفيسرن ۽ عملي جي ??هو??ت مهيا ڪرڻ آهي، اداري جي جنرل مئنيجر سينٽر ۾ موجود راندين جي ڪمري، نرسري ۽ باورچي خاني جو دورو ڪيو ۽ اعليٰ معيار جي ??هو??تن جي ساراهه ڪئي. اهو منصوبو اين ٽي ڊي سي ۾ ٽيون اضافو آهي، ان کان اڳ شا??ين ڪمپليڪس ۽ لاهور ۾ ٽي ايس جي ٽريننگ سينٽر اڳ ۾ ئي قائم آهن، جڏهن ته ملتان، حيدرآباد ۽ ٻي?? وڏن شهرن ۾ آفيسرن لاءِ وڌيڪ ڊي ڪيئر سينٽر پڻ قائم ڪيا ويا آهن. توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) جي هدايتن جي تعميل ۾ هيڊ آفيس جي سطح تي هڪ ڪراس فنڪشنل ٽيم جوڙي وئي آهي، جيڪا عورتن جي ملازمن لاءِ ڊي ڪيئر سينٽرز ۽ ??هو??تن جي قيام جي معاملن جي نگراني ڪندي. ان موقعي تي اين ٽي ڊي سي ڊي ڪيئر سينٽرز جو فوڪل پرسن ۽ ٻيا سينيئر آفيسر ۽ بيو عملو موجود هو.
اين ٽي ڊي سي پاران اسلام آباد آفيس ۾ عورتن لاءِ جديد ڊي ڪيئر سينٽر قائم
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II